راماپير مندر ۽ ٻيا مندر

راماپير مندر ۽ ٻيا مندر: راماپير ۽ ان سان گڏ جوڳ مايا مندر، نول صاحب گرو مندر ۽ نارائڻپورا مندر، هي چار مندر ڪراچيءَ جي نهايت پراڻن مندرن ۾ شمار ٿين ٿا. هي چارئي پراڻا مندر سٺيءَ حالت ۾ آهن. 1910ع جي ٺهيل گردواري ’گروگرنٿ صاحب‘ جي سار سنڀال سک سڀا جي حوالي آهي، هي مندر به سٺي حالت ۾ آهي. گردواري سان گڏ ڀنڊار هال به آهي. گردواري جي سامهون هڪ ننڍو گرجا گھر به آهي.
نارائڻ پوري ۾ ورهاڱي کان پوءِ ٽي ٻيا مندر ٺاهيا ويا آهن، جيڪي هڪ جاءِ تي نارائڻ پورا جي مرڪزي گيٽ جي کاٻي هٿ تي الڳ الڳ ٽن ننڍن ڪمرن تي ٻڌل آهن، جن مان (1) ڪالي ماتا مـندر، (2) هنومان جي بجرنگ بلي مندر ۽ (3) جڳت جوگئي ماتا مندر آهن. نارائڻپور ڪنهن وقت صاف سٿرو ۽ ڪجهه گھرن تي ٻڌل علائقو هو. هاڻي ڪراچيءَ جو سوڙهين گھٽين، تنگ گھرن وارو علائقو بڻجي ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو